سائر جو سوداءُ

سائر جو سوداءُ

سائر جو سوداءُ

سائر جو سوداءُ (ڪتاب): سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر، علي دوست ’عاجز‘ جي شاعريءَ جو ڪتاب آهي. شاعر، ڪتاب جو انتساب ”سنڌو درياهه وانگي پورالي ۽ من موجي ليکڪ علي بابا جي نانءِ“ ڪيو آهي. ڪتاب تي نوجوان دانشور سردار شاههدريا پنٿي دراوڙ‘ جي عنوان سان مهاڳ لکيو آهي، جنهن ۾ هو شاعر جو تعارف هن ريت ڪرائي ٿو:
”اکين ۾ ڪاڇي جي اُڃ، چپن تي مُرڪ جي سانوڻي، سڀاءَ ۾ سنڌ جي لوڪ روايت جهڙي سادگي، مهل ۾ روايتي رڄ مڙسي، ۽ دل ته جهڙوڪر گاج نئين وهي آئي هجي. سفيد وارن ۽ سفيد ڪپڙن ۾، ڪپهه جي پهي جهڙو هي همراه مون کي سدائين زخمن تي مرهم وانگر محسوس ٿيندو آهي.“ علي دوست جي فن بابت سردار شاهه هن ريت راءِ ڏني آهي: ”جڏهن پيار ۽ پورهيو گڏجي، ڪنهن تخليقڪار جي اميج جي تراش ڪندا آهن ته اهو اميج علي دوست عاجز جي صورت ۾ سامهون ايندو آهي.“
علي دوست عاجز، بيت ۽ وائيءَ جي لوڪ ۽ جديد ٽيڪنڪ توڙي روايتن جي سنگم وارين صنفن ۾ ’سنڌو درياهه جو نوحو يا ڪيڏارو‘ لکيو آهي ۽ آس ڏيکاري آهي ته شال! سنڌو درياهه، وڏن وهڪرن سان وهندو رهي ۽ ڀنڀي ڀونءِ جو انگ انگ ٺاريندو ۽ شاداب ڪندو رهي!
ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل نصير مرزا لکيو آهي. ڊيمي سائيز جي پڪي جلد ۽ ڊسٽ ڪوَر سان، 150 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سارنگا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 140 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو